اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي ??ي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ڌرين کي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آف??س جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان ??وجب نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي. نگران ??زيراعظم چيني نائب پرڏيهي وزير ۽ سندس وفد جي ميمبرن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان چين سان ??نهنجي سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آڪٽوبر 2023ع ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ??ي لاءِ بيجنگ جي پنهنجي دوري کي ياد ڪندي نگران ??زيراعظم چيو ته هو صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي پاڪستان ??ي لاءِ گرمجوشي جي جذبن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن چيني قيادت ??ي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. نگران ??زيراعظم چيو ته پاڪستان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي ??ي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ٻنهي ڌرين کي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات دوران ??اڪ چين لاڳاپن کانسواءِ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيني نائب پرڏيهي وزير ملاقات تي نگران ??زيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس دوري دوران ??يندڙ مختلف ملاقاتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيني قيادت پاران ??گران ??زيراعظم کي خصوصي مبارڪباد ڏني. نائب پرڏيهي وزير چيو ته چين ۽ پاڪستان ”مضبوط ڀائر“ آهن. هن يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سدائين هڪ اعتماد جوڳو حصيدار رهندو.