اسلام آباد-05 فيبروري (اي پي پي) انساني حقن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشميري ڪڏهن به ڀارتي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندا ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏوگڏ معصوم ڪشميرين جو آزاديءَ وارو جذبو وڌي رهيو آهي. يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي هڪ نجي ٽي وي چينل سان خصوصي انٽرويو ۾ هن ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ 5 فيبروريءَ جي اهميت تي ??ور ڀريو. هن عالمي برادريءَ تي ??ور ڀر??و ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڀارت تي ??ٻاءُ وِجهن. هن چ??و ته فوجي طاقت ذريعي ڪشميرين جي آواز کي ڪچلڻ لاءِ هر وحشياڻو طريقو استعمال ڪرڻ باوجود ڀارت ڪشميرين کي فتح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ انهن جي آزاديءَ وارو جذبو گذرندڙ ڏينهن سان گڏ زور وٺي رهيو آهي. هن چ??و ته پاڪستان جي پوري سياسي، مذهبي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير مسئلي تي متحد آهي. هن وڌيڪ چ??و ته ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ اهڙو مضبوط رشتو آهي جو ڪو??ه ڪشمير ڪاز سان غداري جو سوچي به نٿو سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته پاڪستان جي نئين حڪومت کي ڪشمير مسئلي جو سڀ کان وڏو چئلينج سامهون هوندو ۽ فوري ايڪشن وٺڻو پوندو. هن چ??و ته نگران حڪومت خصوصي ڪشميري ڪميٽين سان گڏجي ڊگهي مُدي جي حڪمت عملي بڻائي رهي آهي. حڪومت ڪشمير ڪاز کي اجاگر ڪيو آهي ۽ آئينده حڪومت به تحريڪ آزاديءَ کي ترجيح ڏي. هن اهو به مطالبو ڪ??و ته گڏيل قومن جي اداري ۽ انساني حقن جي ٻين تنظيمن کي ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن چ??و ته ڪشمير جا ماڻهو غير قانوني ڀارتي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي حملن سبب انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو شڪار آهن.