اسلام آباد- 24 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان جي فوج هر قسم جي خطري ۽ سازش خلاف هر وقت تيار آهي، پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪو سمجهتو نه ڪندو، دهشتگردن خلاف ته پاڪستاني فوج وڙهي سگهي ٿي پر دهشتگرديءَ خلاف سڄي قوم جو سهڪار ضروري آهي. سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا جو مقصد بي يقيني، اف??اتفري ۽ مايوسي ڦهلائڻ آهي، سوشل ميڊيا جي خبرن جي جاچ تمام ضروري آهي، جاچ ۽ هاڪاري سوچ کانسواءِ معاشرو اف??اتفريءَ جو شڪار رهندو آهي. اهڙو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ پاڪستان نيشنل يوٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف چي?? ته اسان جي ملڪ جا نوجوان هن قوم ۽ ملڪ جي روشن روايتن، اقبال ۽ قائد جي خوابن جي تعبير جا امين آهن، پاڪستان جي ??ست??بل جي معمارن ۽ اقبال جي شاهينن کي مخاطب ٿي انتهائي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد اهو ه?? ته اسان جو مذهب، تهذيب ۽ تمدن هر لحاظ سان هندن کان مختلف آهي، نه ئي اسان اولهه تهذيب ۽ تمدن کي اختيار ڪريون، نوجوانن کي پنهنجي وطن، قوم، ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن ۽ پنهنجي پاڻ تي بي پناهه اعتماد هئڻ گهرجي. هن چي?? ته پاڪستان جي نوجوانن کي ان ڳالهه جو يقين هئڻ گهرجي ته هو هڪ عظيم وطن ۽ قوم جا سپوت آهن. هن چي?? ته سوشل ميڊيا ۽ پروپيگنڊا جو مقصد بي يقيني اف??اتفري ۽ مايوسي ڦهلائڻ آهي، تحقيق ۽ هاڪاري سوچ کانسواءِ معاشرو اف??اتفري جو شڪار رهندو آهي. هن قرآن پاڪ جو حوالو ڏيندي چي?? ته الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿ?? ته اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن ڪو فاسق توهان وٽ ڪا خبر کڻي اچي ته ان جي تصديق ڪريو. آرمي چيف چي?? ته پاڪستان جي قيام جي رياست طيبه سان هڪجهڙائپ رکي ٿي، ٻئي ڪلمي جي بنياد تي قائم ٿيون. الله تعاليٰ پاڪستان کي بي پناهه معدني وسيلن، زراعت ۽ نوجوان اف??ادي قوت جهڙين نعمتن سان نوازيو آهي، مسلمان مشڪل ۾ صبر ۽ آسانيءَ ۾ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندو آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي روشن ??ست??بل تي ڪامل يقين ۽ ابن ڏاڏن جي ميراث کي قائم رکڻ آهي. شاگردن خطاب دوران پاڪستان آرمي زندهه باد، پاڪستان زندهه آباد ۽ قائداعظم زندهه باد جا نعرا لڳايا.