لاهور – 24 – جنوري (اي پي ??ي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ٿيلسيميا جي مرض جي روڪٿام جي لاءِ شاندار خدمتن تي منو ??ائ?? (مرحوم) کي خراج عقيدت پيش ??ند?? چيو آهي ته منو ??ائ?? پنهنجي پوري زندگي ٿيلسيما جي مريضن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، سُندس فائونديشن جو بنياد رکي منو ??ائ?? هڪ مثال قائم ڪيو، ٿيلسيميا جي روڪٿام جي لاءِ قانونن کي بهتر بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سُندس فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ منو ??ائ?? جي ڇهين ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ??ند?? ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سُندس فائونڊيشن خالد عباس ??ار، صدر ياسين خان، سهيل وڙائچ، حفيظ الله خان نيازي، مجيب الرحمان شامي، صغريٰ صدف ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته منو ??ائ?? جو پي ??ي وي تي هلندڙ حالات حاضره جو پروگرام عوام ۾ انتهائي مقبول ٿيو، ان پروگرام ۾ منو ??ائ?? بطور تجزيه نگار خدمتون سرانجام ڏنيون، عوام اڃا تائين سندس ان پروگرام کي ياد ڪري ٿي. هن چيو ته منو ??ائ?? هڪ سٺو ۽ مخلص انسان هو، هن پنهنجي زندگي کي ٿيلسيميا جي ٻارن جي علاج جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، سُندس فائونڊيشن ۾ ٿيلسيميا جي ٻارن جي علاج جي لاءِ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سُندس فائونڊيشن ۾ علاج هيٺ مريض منو ??ائ?? جي مغفرت جو سبب بڻجندا. نگران وفاقي وزير چيو ته ٿيلسيميا جي روڪٿام جي لاءِ احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪرڻو پوندو. ان حوالي سان قانونن کي بهتر ۽ انهن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان اڄ منو ??ائ?? کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ اهو وچن ڪرڻ جي لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون ته منو ??ائ?? انساني خدمت جو جيڪو جهنڊو پنهنجي هٿن ۾ کنيو هو ان کي پڪڙي رکڻو آهي. هن چيو ته منو ??ائ?? ڪالم نگاري سان گڏوگڏ شاعري پڻ ??ند?? هو، سندس مادري زبان پنجابي ۾ شاعري لازوال هئي، هو ڪنهن به شيءَ جي پاڻ ئي ٿيڻ تي يقين نه رکندو هو جيڪو هن چيو هو ته “هونئين جانداڪر ناپيندا اي، سکان دي خاطر جلندا پيندا اي، حق دي خاطر لڙنا پيندا اي، جيون دي خاطر مرنا پيندا اي”. تقريب ۾ شريڪ ٻين خطاب ڪندڙن منو ??ائ?? کي ڀرپور انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. تقريب جي آخر ۾ پير ضياءَ الحق نقشبندي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. بعد ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سُندس فائونڊيشن جي ليب جو دورو ڪيو ۽ ٿيلسيميا جي مرض ۾ مبتلا ٻارن ۾ تحفا ورهايا.