اسلام آباد-01 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته جسماني تندرستي به ايترو ئي ضروري آهي جيترو تعليم جو ڪو ٻيو حصو آهي، جسماني تندرستي ۽ صحت کانسواءِ نوجوان مڪمل صلاحيتن تائين پهچي نٿو سگهي. هن اهڙن خيالن جو اظ??ار اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز، سيڪٽر ايف ايٽ ون جي سالياني اسپورٽس ڊي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن ايف ڊي اي کي حڪم ڏنو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اسلام آباد جي هر اسڪول ۽ ڪاليج ?? اهڙي طرح جي راندين جي ايونٽس باقاعدي ??ان منعقد ڪرايا وڃن. وفاقي وزير چيو ته ايف ڊي اي کي هدايت ڪئي ته سمورين وفاقي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي گرائونڊز ۽ راندين جي سهولتن کي برقرار رکيو وڃي. هن چيو ته جسماني تربيت (پي ٽي) ڪلاسز جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پنهنجي دورن دوران هن مشاهدو ڪيو ته پي ٽي ڪلاسز مان پوري فائدو نه پيو کنيو وڃي. هن سمورن تعليمي ادارن جي پرنسپلز تي زور ڀريو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته پي ٽي ڪلاسز باقاعدگي ??ان منعقد ٿين ۽ ان جو استعمال سمورن شاگردن جي فٽنس کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيو وڃي. تقريب جي شروعات تلاول قرآن پاڪ ??ان ٿي،آجياڻي وارو خطاب ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر آسيه رفيق ملڪ تعليم ??ان گڏوگڏ آئوٽ ڊور ۽ فزيڪل گيمز جي اهميت تي روشني وڌي، جونيئر ۽ سينئر ٻنهي حصن جي شاگردن جوش ۽ جذبي ??ان راندين جي مقابلي ۾ حصو ورتو جن ۾ مارچ پاسٽ، پي ٽي ڊسپلي، ريبٽ ريس ۽ سادي 100 ميٽر ريس شامل هيون. خاص مهمان وفاقي وزير مدد علي سنڌي کٽيندڙن کي شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس ??ان نوازيو. وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن کي توانائي، همت ۽ جوش کي ساراهيو ۽ راندين جي مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙن کي مبارڪون ڏنيون، هن شاگردن کي پنهنجي زندگي ۾ بهترين محب وطن ۽ ذميوار شهري بڻجڻ جي ترغيب ڏني، هن شاگردن کي چاند بي بي ۽ فاطمه جناح کي رول م??ڊل طور اختيار ڪرڻ لاءِ روشني وڌي، هن اهڙيون صحتمند سرگرميون منعقد ڪرائڻ ۾ استادن ۽ پرنسپل جي ڪوششن کي ساراهيو.