سرينگر – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن چيو آهي ته ڀارت 1947ع کان ڪشميرين ??ي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي جڏهن هن دوکيبازي ۽ طاقت جي زور تي ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني طور تي قبضو ڄمائي ورتو هو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن مولوي بشير عرفاني، سيد بشير اندرابي، محمد ياسين ??طائي، خواجه فردوس، ياسمين ??اجا، زمروده حبيب، فريده جي، جاويد احمد مير، فياض حسين ??عفري، سيد سبط شبير قمي، محمد شفيع لون، هلال احمد وار، مولانا مصيب ندوي، شفيق الرحمان، پير سيد تصدق، ايڊووڪيٽ ارشد اقبال ۽ محمد عاقب سرينگر ۾ جاري پنهنجي بيانن ۾ چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ورڇ ٿيل ن??ڍي کنڊ جي فارمولي جي کليل خلاف ورزي ڪندي ۽ ڪشميرين ??ي خواهشن جي ابتڙ ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو جنهن کي ڪشمير??ن ڪڏهن به قبول ن?? ڪيو ۽ اهي ان ناجائز قبضي جي خلاف تمام گهڻيون قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري خطرو آهي ۽ گڏيل قومن ڪشميرين ??ي خودمختياري جي حق کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل علائقي ۾ ظلمن ۾ تيزي آندي آهي، هن ڪشميرين ??ا سمورا بنيادي حق سلب ڪري رکيا آهن ۽ هو والاريل علائقي ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪڌي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪشميري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا ته جيئن دنيا تي واضح ڪري سگهجي ته اهي پنهنجي وطن تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبول ن?? ٿا ڪن ۽ جيستائين ??نهن جي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي اهي پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکندا.