بيجنگ – 19 ??? آ??ٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان پائيدار ۽ جامع ترقي جي ??يزن ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي عمل پيرا آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل غيرملڪي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندي، چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ زراعت، قابلت جديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، ڊيجيٽل معيشت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ??وقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي ??وقعي تي مختلف چيني ڪمپنين جي سربراهن سان ڳالهائيندي ڪيو جن نگران وزيراعظم سان ملاقا?? ڪئي. نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ من ميٽلز، ايم سي سي، چائنا ڪميونيڪشنز ڪنسٽرڪشن ڪمپني (سي سي سي سي)، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن (سي آر بي سي)، سي او ايف سي او، امر انٽرنيشنل گروپ، پاور چائنا، چائنا انرجي ۽ چائنا گيزوبا گروپ جا چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ سربراهه شامل هئا. نگران وزيراعظم چيني ڪاروباري شخصيتن کي معاشي ۽ مالياتي استحڪام جي ??اءِ پاڪستان جي ??دمن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم پائيدار ۽ جامع ترقي جي ??اءِ پاڪستان جي ??يزن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سيڙپڪار دوست پاليسين تي عمل پيرا آهي جنهن جي ??اءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي جيڪا غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ سهولت جي ??اءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندي. نگران وزيراعظم چين جي ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز کي چيو ته اهي پاڪستان ۾ آءِ سي ٽي، زراعت، قابل تجديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، ڊيجيٽل معيشت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ??سيع موقعن مان فائدو کڻن. ان موقعي تي چين جي ڪاروباري شخصيتن غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪر جي ??اءِ پاڪستان جي ??دمن کي ساراهيندي نگران وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار بابت آگاهه ڪيو. هنن پاڪستان جي ڪاروباري حصيدارن سان گڏجي ??اڪستان ۾ ڪم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيني ڪمپنين جي ايگزيڪيوٽوز کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ انهن کي چيو ته اهي لاڳاپيل وزيرن سان پنهنجي ڪاروباري معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪن.