بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته ”بيلٽ ايينڊ روڊ“ تعاون منصوبابندي کي حقيقت ۾ بدلائيندي عالم?? تعاون ۾ وڏا ثمر حاصل ڪيا آهن. گذريل 10 سالن ۾ اقتصادي لنگهه ج?? تعمير جي سلسلي ۾ وڏن چئيلنجز ۽ انفارميشن هائي ويز کي اهميت ڏيندي ريلوي، رستن، هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ پائيپ لائين نيٽ ورڪس جي ذريعي مختلف م??ڪن جي وچ ۾ مصنوعات، سَرمائي، ٽيڪنالاجي ۽ عملي جي وڏي پئماني تي گردش کي فروغ ڏنو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيجنگ ۾ عالم?? تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. شي جن پنگ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏيل تعمير، گڏيل ترقي ۽ فتح فتح تي ٻڌل تعاون کي فروغ ڏئي رهي آهي. اسان نظرياتي ڇڪتاڻ، جاگرافيائي سياسي گيمز، بلاڪ سياسي ڇڪتاڻ، هڪطرفي پابندين، معاشي ڏاڍ ۽ ”ڊي ڪپلنگ“ جو هرگز حصو نه آهيون. پنهنجي خطاب ۾ شي جن پنگ ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي اعليٰ معيار جي گڏيل تعمير جي حمايت جي لاءِ چين جي 8 قدمن جو اعلان ڪيو. انهن ۾ بيلٽ اينڊ روڊ جي لاءِ ٽه رخي رابطا نيٽ ورڪ ج?? تعمير، کليل ذهن تي ٻڌل عالمي معيشت جوڙڻ جي حمايت، عمل?? تعاون، ماحول دوست ترقي، سائنسي ۽ فني جدت طرازي، مختلف م??ڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن، بدعنواني کان پاڪ رستي ۽ ”بيلٽ ايينڊ روڊ“ عالم?? تعاون جي مڪينزم کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. شي جن پنگ چيو ته ڪورونا وائرس جي عالم?? وبا پکڙجڻ کانپوءِ ”بيلٽ اينڊ روڊ“ زندگي ۽ صحت جو رستو بڻجي ويو آهي. چين مختلف م??ڪن کي اربين ماسڪ ۽ ويڪسين جون 2 ارب 30 ڪروڙ خوراڪ فراهم ڪيون آهن ۽ 20 کان وڌيڪ م??ڪن سان ويڪسين تيار ڪرڻ ۾ تعاون ڪيو آهي، جنهن سان بيلٽ اينڊ روڊ سان واڳيل حصيدارن جي لاءِ وبا جي خلاف منفرد ڪردار ادا ڪيو ويو آهي. چين ۾ وبا جي عروج تي ان کي 70 کان وڌيڪ م??ڪن پاران قابل قدر مدد ملي. شي جن پنگ چيو ته اسان دل جي گهراين سان سمجهون ٿا ته رڳو گڏيل مفادن تي ٻڌل تعاون سان ئي اسان سٺا نتيجا حاصل ڪري سگهون ٿا. 10 سالا تاريخ ثابت ڪيو آهي ته بيلٽ اينڊ روڊ جي گڏيل تعمير تاريخ جي صحيح چونڊ آهي ۽ زماني جي ترقي جي منطق جي عين موجب آهي.