بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي چين جي دوري دوران اڱاري ڏينهن مصروف ??ينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم چين جي ٿنڪ ٽينڪس ۽ اسڪالرز جي وفد سان ملاقات ڪندو. هو ??وس جي صدر ولاديمير ??يوٽن، ڪينيا جي صدر وليم روٽو ۽ سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان پڻ ملندو. نگران وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ جي خصوصي دعوت تي ”ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم“ شريڪ عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو.