اسلام آباد ?? 11 ??? آڪٽوبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن ۽ حڪومت سي پيڪ تحت مختلف منصوبن جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چيني عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگ??ان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري رکندڙ منفرد لاڳاپ?? آهن، ٻئي ملڪ آئرن برادرز ۽ هڪ ٻئي جا اعتماد جوڳا دوست آ??ن. ??گ??ان وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ ويزن خاص طور تي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) کي ساراهيو. نگ??ان وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ ٽيڪنالاجيڪل لاڳاپن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن ۽ حڪومت سي پيڪ تحت مختلف منصوبن جي تڪميل ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چيني عملدارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. چين جي سفير جي نگ??ان وزيراعظم سان پاڪستان ۾ بطور سفير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ اها پهرين ملاقات هئي. نگ??ان وزيراعظم چيني سفير کي سفارتي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪ??دا?? ادا ڪندو.