نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پائيدار ترقي??تي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ 5 اهم شعبن خوراڪ جي پيداوار، بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، صنعتڪاري، صحت جي سارسنڀال جي لچڪدار نظام ۽ ڊيجيٽل ??رڇ کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان قدم اڻٽر آهن، ايس ڊي جيز تي اڳڀرائي کي ڪوويڊ، تڪرارن ۽ موسمي??تي تبديلي جي ڪيترن بحرانن جي ڪري تمام وڏا ڌچڪا لڳا آهن، چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه پائيدار ترقي??تي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم ذريعو آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آئي) تعاون جي نتيجن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جي ڊي آئي جي تجويز چيني صدر شي جن پنگ 20 سيپٽمبر 2022ع تي ڏني هئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پائيدار ترقي??تي هدف (ايس ڊي جيز) جي حاصل ڪرڻ طرف اڳڀرائي کي ڪوويڊ، تڪرارن ۽ موسمي??تي تبديلي جي ڪيترن ئي بحرانن جي ڪري شديد ڌچڪا لڳا آهن. هن جي ڊي آئي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪي?? ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ سان حاصل ٿيندڙ سنگ ميل کي ساراهيو. نگران وزيراعظم زور ڏنو ته چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ۽ پاڪستان چين اقتصادي لنگهه ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم ذريعو آهن. هن 5 اهم شعبن ۾ قدمن جي ضرورت تي روشني وڌي. انهن شعبن ۾ خوراڪ جي پيداوار، بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، صنعتڪاري، صحت جي سارسنڀال جي لچڪدار نظام ۽ ڊيجيٽل ??رڇ کي ختم ڪرڻ شامل آهن. نگران وزيراعظم ترقي??تي عمل جي سڀني سطحن تي مناسب سيڙپڪاري جي ضرورت کي وڌيڪ اجاگر ڪي?? ۽ صدر شي جن پنگ طرفان جي ڊي آئي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ 10 ارب ڊالر جو هڪ ٻيو فنڊ قائم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين گروپ آف فرينڊز آف جي ڊي آئي جي ٻين ميمبرن سان گڏجي پنهنجي تعاون کي وڌائڻ جو منتظر آهي ته جيئن ايس ڊي جيز تي عملدرآمد جي لاءِ ان جي اجتماعي خواهش کي پورو ڪري سگهجي. تقريب ۾ چين جي نائب صدر هان زينگ، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن خطاب ڪي??. ان موقعي تي جي ڊي آئي تعاون تي هڪ وڊيو بريفنگ ۽ پريزنٽيشن پڻ پيش ڪئي وئي.