نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان چيو آهي ته ڪئناڊا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل ۾ ڀارتي عملدارن جي ملوث هجڻ جا الزام ڀارت ??ان 70 سالا تجربي خاص طور تي ڪلڀوشن ياديو جي روشني ۾ اسان جي لاءِ حيرت ??ي ڳالهه نه آهي ڇو ته اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي فطرت ۽ طرز عمل کي ڄاڻون ٿا. پ??ڪس??ان جي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس قاضي گذريل رات نيويارڪ ۾ نيوز بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ?? چيو ته ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جو بيان ته ان وٽ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجار جي قتل ۾ ڀارت ??ي وابستگي جا معتبر ثبوت آهن، اهي الزام ڪجهه حقيقتن تي ٻڌل هوندا. هن ڀارت ??ي رڪارڊ تي ڳالهه ڪندي چيو ته پ??ڪس??ان ملڪ ۾ فساد پکيڙڻ جي لاءِ داخل ٿيندڙ ڀارت ??ي جاسوس نيول آفيسر ڪلڀوشن ياديو کي حراست ۾ رکيو جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته ڪئناڊا جي وزيراعظم پاران الزام ڀارت ??ان 70 سالا تجربي جي روشني ۾ اسان جي لاءِ حيرانگي جي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ملڪ ڀارت کي سمجهي ٿو ته اهو اسان آهيون، اسان جو ڀارت ??ان 70 سالن جو تجربو آهي، پ??ڪس??ان فيبروري 2019ع ۾ پنهنجي دفاع جي لاءِ ڀارت ??ي سنيڪ اٽيڪ جو جواب ڏنو هو اها ڪا ننڍي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته اسان جو پاڙيسري ملڪ اسان کان ست ڀيرا وڏو آهي، تنهن هوندي به ڀارت ٻيهر ائين ڪيو ته اسان ٻيهر پنهنجو ڀرپور دفاع ڪنداسين. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته جڏهن به پ??ڪس??ان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال ٿئي ٿي ته اڪثر ان ۾ ڀارت ??و هٿ هوندو آهي. پر دنيا کي هاڻي اهو سمجهڻ گهرجي ته ان جو ”لازمي اتحادي“ عالمي براد??ي ۾ ڪهڙي طرح سلوڪ ڪري ٿو. هڪ سوال جي جواب ?? هن چيو ته نگران وزيراعظم 22 سيپٽمبر تي خطاب ?? ڪشمير مسئلي ۽ افغانستان سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عوامي مسئلن تي پ??ڪس??ان جو موقف پيش ڪندو. هو پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) تي عملدرآمد ۽ نگران انتظاميا پاران ملڪ جي اقتصادي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ کنيل اهم قدمن ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي پ??ڪس??ان جي ڪوششن بابت پڻ ڳالهه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ?? هن چيو ته پ??ڪس??ان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي سعودي هم منصب سان ملاقات ۾ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پ??ڪس??ان جي دوري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ چيو ته هو جلد پ??ڪس??ان جو دورو ڪندو. پ??ڪس??اني پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو ساليانو اجلاس عالمي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ۽ هڪ ٻئي کي ڄاڻڻ جو هڪ ڪارائتو موقعو فراهم ڪري ٿو.