اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي، جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو ته جيئن اهڙن واقعن جو خاتمو ٿي سگهي، انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سان مسيحي برادري جي وف?? ملاقات ڪئي. وف?? جڙانوالا سانحي تي وقت س?? قدم کڻڻ ۽ جڙانوالا جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته سموري رياستي مشينري اقليتن جي حقن ۽ تحفظ جي حوالي سان انهن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا بنيادي حق حاصل آهن. هن چيو ته جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندوت ه جيئن اهڙن واقعن جو خاتمو ٿي سگهي، اقليتي برادري پنهنجا مسئلا ۽ تجويزون حڪومت تائين پهچائي ته جيئن انهن مسئلن جو ممڪن حل ڪري سگهجي اسان جو آئين ذات، نسل ۽ رنگ جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي سماجي، مذهبي، سياسي ۽ معاشي حق ڏي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي، انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اقليتي برادري پاڪستاني افرادي قوت جو بنيادي حصو آهي جنهن جو پاڪستان جي ترقي ۾ هڪ اهم ڪردار آهي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ ٻئي جي عقيدن جي احترام سان ئي پرامن ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وف?? اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ خالد جارج جي بطور انساني حقن واري نگران وف??قي وزير طور مقرري کي خوش آئنده قرار ڏنو. وف?? ۾ پنجاب جو انساني حقن وارو اڳوڻو صوبائي وزير اعجاز آگسٽن، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر آسيه انصر، بشپ اندرياس، بشپ سيموئيل ازرايا، بشپ جوزيف ارشاد، بشپ همفري پيٽرز، پاسٽ?? هنوڪ حشمت، پاسٽر اوليور ضياءَ شامل هئا. ملاقات ۾ انساني حقن واري نگران وف??قي وزير خالد جارج ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.