اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جي پنجين اجلاس ۾ معاشي ۽ انتظامي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيو وي?? آهي جڏهن ته نگران وزيراعظم چي?? آهي ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي جي باوجود اسان کي معاشي بحالي جي منصوبي تي عملد??آم?? يقيني بڻائڻ?? آهي، انهن قدمن کي لاڳو ڪرڻ سان ايندڙ چونڊيل حڪو??ت کي به ملڪي معيشت جي بحالي جي پ??وگرام تي عملد??آم?? ۾ آساني ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ملڪ جي معاشي بحالي، ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو پنجون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف، عبوري وفاقي ڪابينا، صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن لاڳاپيل شعبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ملڪ ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ حڪمت ع??لي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ معاشي ۽ انتظامي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيو ويو. اجلاس کي ريگيوليشن موثر ۽ تيز بڻائڻ جي ٺوس پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي مشاورت ٿي. نگران وزيراعظم ان حوالي سان عملي قدمن جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته انهن تي عملد??آم?? مقرر مدي ۾ يقيني بڻايو وڃي، وزير انهن قدمن تي عمل يقيني بڻائين. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي جي باوجود اسان کي معاشي بحالي جي منصوبي تي عملد??آم?? يقيني بڻائڻ?? آهي، انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ سان ايندڙ چونڊيل حڪو??ت کي به ملڪي معيشت جي بحالي جي پ??وگرام تي عملد??آم?? ۾ آساني ٿيندي.