اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وزارت اليڪٽرانڪ، پرنٽ، ڊيجيٽل ميڊيا کي جاري اشتهارن جي مد ۾ ادائيگين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. اطلاع??ت واري وزارت جولاءِ 2021ع ک??ن جون 2022ع تائين 2 ارب 47 ڪروڙ 50 لک 53 هزار 713 رپيا، جولاءِ 2022ع ک??ن جون 2023ع تائين اشتهارن جي مد ۾ 2 ارب 93 ڪروڙ رپين جون ادائيگيون ڪيون جڏهن ته جولاءِ 2022ع ک??ن جون 2023ع تائين وفاقي وزارتن ۽ کاتن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 98 ڪروڙ 73 لک 18 هزار 74 رپين جون ادائيگيون ڪيون. اطلاع??ت واري وزارت پاران جاري بيان موجب آبادگار پئڪيج، يوٿ پروگرام، بي آءِ ايس پي، قومي ڏينهن ۽ غيرملڪي دورن بابت ميڊيا مهمون پڻ هلايون وڃن ٿيون. اطلاع??ت واري وزارت پاران ڪلاسيفائيڊ ۽ انهن ڪلاسيفائيڊ (ڊسپلي) ڪيٽيگريز ۾ اشتهار جاري ڪيا وڃن ٿا. اطلاع??ت واري وزارت چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ 437 وفاقي کاتن ۽ ادارن جي اشتهارن جي بلن جي ادائيگي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو ته جولاءِ 2021ع ک??ن جون 2022ع تائين پي ٽي آءِ حڪومت جي جاري ڪيل اشتهارن جي مد ۾ پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۾ 2 ارب 47 ڪروڙ 50 لک 713 رپين جون ادائيگي??ن ٿيون جڏهن ته جولاءِ 2022ع ک??ن جون 2023ع تائين اطلاع??ت واري وزارت جاري ڪيل اشتهارن جي مد ۾ 2 ارب 93 ڪروڙ رپين جون ادائيگيون ڪيون. اهڙي طرح جولاءِ 2022ع ک??ن جون 2023ع تائين پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۾ وفاقي وزارتن ۽ کاتن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 98 ڪروڙ 73 لک 18 هزار 74 رپيا اشتهارن جي مد ۾ ادا ڪيا. بيان ۾ چيو ويو ته پرنٽ، اليڪٽرانڪ، ڊيجيٽل ميڊيا، آئوٽ ڊور ميڊيا پاران پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۾ اطلاع??ت واري وزارت کي 2 ارب 74 ڪروڙ 11 لک 4 هزار 91 رپين جا بل مليا، اهي بل جولاءِ 2021ع ک??ن جون 2022ع تائين جاري ڪيل اشتهارن جي مد ۾ مليا جڏهن ته انهن بلن جي مد ۾ 2 ارب 47 ڪروڙ 50 لک 713 رپين جون ادائيگيون ڪيون ويون. اهڙي طرح جولاءِ 2022ع ک??ن جون 2023ع تائين اطلاعات ۽ نشري??ت واري وزارت کي اشتهارن جي مد ۾ 3 ارب 97 ڪروڙ 25 لک 55 هزار 654 رپين جا بل مليا، انهن بلن تحت 2 ارب 93 ڪروڙ رپين جون ادائيگي??ن ٿيون جڏهن ته جولاءِ 2022ع ک??ن جون 2023ع تائين ٻين وفاقي وزارتن/ کاتن ۽ ادارن جي اشتهاري مهم جي لاءِ 1 ارب 86 ڪروڙ 21 لک 46 هزار 890 رپين جا بل مليا ۽ 98 ڪروڙ 73 لک 18 هزار 74 رپين جون ادائيگيون ڪيون ويون. اطلاع??ت واري وزارت چيو ته اهي سمورا انگ اکر پبلڪ ڊومين ۾ موجود آهن.