اسلام آباد – 07 – س??پٽ??بر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف اسان جي پختي عزم ??ي ڪمزور نه ٿو ڪ??ي سگهجي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم متحد آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چوڪس هٿياربند فوج جا ٿورائتا آهيون جنهن چترال ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو فوجي چوڪين تي دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ دهشتگردن کي وڏو جاني نقصان پهتو آهي. افسوس آهي ته انهن حملن ۾ اسان جي 4 بهادر جوانن شهادت ماڻي. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي ۽ پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهي.