ڪراچي – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان متحده قومي موومينٽ جي ??فد ملاقات ڪئي. ??فد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي صورتحال، بين ??لمذاهب هم آهنگي ۽ ٻين موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ??فد نگران وزيراعظم جو ڌيان ڪراچي ۾ حدبندي جي مسئلي ۽ پاڻي جي کوٽ جي پراڻي مسئلي طرف ڇڪرايو. وزيراعظم ??فد کي يقين ڏياريو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري پڻ موجود هو. اي?? ڪيوا يم جي ??فد ۾ فاروق ستار، سيد امين ??لحق، خواجه اظهارالحسن ۽ ٻيا شامل هئا.