اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) ڀا??تي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪ??و ويو ۽ آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلي جي ڳوٺ اولي جي رهواسي 60 سالا شهري غياث جي ڀا??تي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهادت تي پاڪستان جو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرا??و ويو، اهو واقعو 21 آگسٽ 2023ع تي لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي نڪيال سيڪٽر ۾ پيش آيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان لائين آف ڪنٽرول تي امن امان کي بر??رار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جون ڪارروايون 2003ع جي سيز فائر مفاهمت جي واضح خلاف ورزي آهن، جنهن جي فيبروري 2021ع ۾ تجديد ڪئي وئي هئي. بيان موجب ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڀا??تي فوج کي انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي ڇو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انساني وقار ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن جي ابتڙ آهي. ڀا??ت تي زور ڏنو ويو ??ه هو واقعي جي جاچ ڪري ۽ سيز فائر مفاهمت جو احترام ڪري.