اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي گذريل مالي سال دوران ??مضان ??لمبارڪ ۾ وزيراعظم پاران مفت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي مفت اٽي جي فراهمي لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوا واري وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائ?? بابت رابطاڪار بلال اظهر ڪياني، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪ??ي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان گذريل مالي سال دوران وزيراعظم جي مفت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي مستحق شهرين کي مفت اٽو فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ??مري پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ان مقصد لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان ??سڪيم جي شروعات 18 مارچ 2023ع تي ڪئي وئي ۽ اها اسڪ??م 16 اپريل 2023ع تائين جاري رهي.