اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) پر??يهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽوڪيو ۾ پنهنجي جاپاني هم منصب شيگيو ياماڊا سان مُلاقات ڪري ٻطرفي سياسي مشاورت ڪئي. پر??يهي ??في?? جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪس??ان جاپان لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ پراڻي مضبوط لاڳاپن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏڻ تي اتفاق ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پر??يهي سيڪريٽري جاپان جي پر??يهي معاملن واري مملڪتي وزير تاڪي شونسوڪ ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار تاڪيو اڪيبا سان پڻ ملاقات ڪئي. هن جاپان – پاڪس??ان ايسوسيئيشن جي صدر شون اميزومي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. جاپاني عهديدارن پر??يهي سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪس??ان جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جاپان هن سال جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ پاڪس??ان جي پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دوري جو منتظر آهي.