پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي برادري کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي، قدرتي آفتن سان سپلائي چين ۾ رڪاوٽ پوڻ سان جنسن جي قيمتن ۽ مهانگائي ۾ اض??فو ٿيو، معاشي واڌويجهه رڪجي وئي، دنيا کي موجوده معا??ي ۽ موسمياتي انتشار کي اصلاح جي موقعي طور تي استعمال ??رڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هڪ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ سربراهي اجلاس جي موقعي تي مون پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران عالمي اڳواڻن جو ڌيان ان خارجي عملن طرف ڇڪرايو جنهن سان پ??ڪس??ان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ شديد بحران پيدا ٿيو. انهن عملن جي ڪري ترقي رڪجي وئي، سپلائي چين ۾ رڪاوٽ پوڻ سان جنسن جي قيمتن ۽ مهانگائي ۾ اض??فو ٿيو، بعد ۾ شديد موسمي وا??عن مان بدترين ٻوڏ آئي جنهن سان پ??ڪس??ان کي 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. هن چيو ته عالمي برادري کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ برابر مالياتي اصول تي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فعال ??رڻ، اهڙين گرانٽس جي فراهمي جيڪي اسرندڙ ملڪن جي وڏن قرضن ۾ اض??فو نه ڪن ۽ ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن جي خطري ۾ ورتل ملڪن کي ماحولياتي خطري جي انڊيڪس جي بنياد تي فنڊ تائين پهچ جي قابل بڻائڻ شامل آهي. پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) هاصل ڪرڻ جي لاءِ مالياتي فرق کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪامي سان گڏوگڏ موسمياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، جيڪا ساليانو کربين ڊالر آهي. هن چيو ته دنيا کي موجوده معا??ي ۽ موسمياتي انتشار کي اصلاح جي موقعي جي طور تي استعمال ??رڻ گهرجي. عالمي مالياتي ڍانچي تي ٻيهر غور ان جي ٻيهر شروعات جو پهريون نقطو ٿي سگهي ٿو، جتي آءِ ايس آئيز پنهنجي پروگرامن کي ترقي وارن ۽ ايس ڊي جيز ۽ موسمياتي انصاف جي هدفن سان ڳنڍڻ جي لاءِ ڊيزائين ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته دنيا کي هن وقت حقيقت کان آگاهي جو لمحو سامهون آهي، اچو اسان سڀ يڪجهتي ۽ همدرديءَ جي جذبي سان چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جو وچن ڪريون.