اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اڄ 5 جون کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ ب??لج??ئم جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير انهن ملڪن جي دوري دوران ترقي، واپار ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز ۽ مسئلي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ وزارتي سطح تي اجلاسن ۾ شرڪت کانسواءِ قانونسازن ۽ مقامي واپارين سان پڻ ملاقات ڪندي. حنا رباني کر ب??لج??ئم ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي س??نيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪندي. سوئيڊن ۾ مملڪتي وزير پرڏيهي لاڳاپن بابت يورپي ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ اهم مقرر طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي پاڪستا?? جو موقف پيش ڪندي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ چئلينجز تي بحث جي لاءِ يورپ جي اهم فيصلاسازن، ماهرن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ اثررسوخ رکندڙ شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.