اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ جي هدا??ت ڪندي چيو آهي ته سولرائيزيشن سان درآمدي ٻارڻ جي مد ۾ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. ملڪ ۾ توانائي بچت جي قدم?? تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي وز??راعظم چيو ته ملڪ گير سولرائيزيشن منصويي تي عملدرآ۾د پاڪستان ۾ درآمدي ٻارڻ تي خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت يقيني بڻائيندو. هن هدا??ت ڪئي ته سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ ان کي مڪمل ڪيو وڃي. وز??راعظم ملڪ ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز ۽ سولر پينلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ، ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارن پنکن کي بدلائڻ جي ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ توانائي جي بچت جي لاءِ اين اي اي سي اي کي وڌيڪ فعال ۽ بااختيار بڻائڻ جي پڻ هدا??ت ڪئي. اجلاس کي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي، مقامي سطح تي سولر پينلز ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز جي پيداوار، گيزرز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ، بجلي جي گهٽ کپت وارن پنکن ۽ بل??ن جي پيداوار تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي 671 سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جو عمل شروع آهي جڏهن ته تعليم واري وزارت تحت ايندڙ 600 عمارتن وٽ پنهنجي بجيٽ موجود آهي جنهن کي ان مقصد جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. ان کانسواءِ 11 ڪلو واٽ جي فيڊرز جي سولرائيزيشن جو عمل پڻ شروع آهي. وز??راعظم چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ صنعت واري وزارت پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مقامي سطح تي سولر پينلز ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي جي بنيادي خدوخال جوڙي مختلف ادارن کان ا?? تي راءِ ورتي پئي وڃي، ايندڙ مهيني پاليسي مڪمل ڪري ان کي جاري ڪيو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ نئين گيزرز جي تياري ۾ ڪونيڪل بيفلز کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. وڌيڪ پراڻي گيزرز ۾ به ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ ملڪ ۾ انرجي ايفيشينٽ پنکا ۽ بل?? ٺاهڻ جي لاءِ پڻ قدم مڪمل آهن، ايندڙ مالي سال کان ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي کپت وارا پنکا ۽ بل نه ٺاهيا ويندا. وز??راعظم هدا??ت ڪئي ته سمورن قدم?? تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ اڳوڻي وز??راعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وز??رن اسحاق ڊار، انجنيئر خرم دستگير خان، مخدوم مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وز??ر ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وز??راعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.