اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته پشاور حملي کانپ??ءِ قوم ڏک ۾ ٻڏل آهي، اهو حملو پاڪستان تي حملي کان گهٽ نه آهي، دهشتگردي اسان جي قومي سلامتي جي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڪستاني قوم جي عزم کي اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هينئر پشاور کان واپس آي?? آهيان، انساني الميي جو ڪاٿو ناقابل تصور آهي، اهو پاڪستان تي حملي کان گهٽ نه آهي، قوم ڏک جي احساس ۾ ٻڏل آهي. هن چيو ته ??ن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ??هشتگردي اسان جي قومي سلامتي جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته ڏکويل خاندانن جي درد کي لفظن ۾ ٻڌ??ئي نٿو سگهجي پر آئون دلي تعزيت ۽ انتهائي اخلاص سان انهن سان همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته ??ڄ جي ان ڪڌي واقعي جي ذميوارن جي لاءِ منهنجو پيغام آهي ته ??وهان پاڪستان جي عوام جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهو.