اسلام آباد?? 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڊائم??ڊ جوبلي تمغه 2022ع جي ن??لي سان نئون تمغو عطا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر نئون تمغو عطا ڪرڻ جي منظوري اعزاز ايڪٽ 1975ع تحت ڏني آهي. پاڪستان ڊائم??ڊ جوبلي تمغو 2022ع پاڪ فوج، سول فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ماڻهن کي پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ سياسي حدن جي دفاع ۾ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو، تمغو عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين طور تي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو. اهو تمغو پاڪستان قائ?? ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه 14 آگسٽ 2022ع کان نافذ العمل هوندو.