اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري سان قطر جي پاڪستان ۾ سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل آل ثاني ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري فيفا ورلڊ ڪپ منعقد ڪرڻ تي قطر جي سفير کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري کي قطر جي پرڏيهي و??ير جي فيفا ورلڊ ڪپ مئچ قطر ۾ ڏسڻ جي دعوت پهچائي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قطر سان پاڪستان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري، گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل تاريخي لاڳاپا قائم آهن.