ڪراچي- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون ??اري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 28180 خاندانن کي راشن بيگس ۽ 11500 متاثرن ۾ ڪمبل ورهايا ويا آهن. هن ريليف آپريشنز جي حوالي سان تف??يل جاري ڪندي چيو ته دادو ۾ 3518 خاندانن ۾ را??ن جا ٿيلها ورهايا ويا. اهڙي طرح مٽياري ۾ 2244، شهيد بينظيرآباد ۾ 1558، نوشهروفيروز 2503، عمرڪوٽ 1990، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 2211، ڪشمور 1700، لاڙڪاڻو 4719، خيرپور ميرس 2827، سانگهڙ 2768 ۽ ميرپورخاص ۾ 2172 خاندانن کي را??ن جا ٿيلها فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1958925 خاندانن ۾ را??ن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن. امدادي سرگرمين جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين متاثرن کي 662522 خيما، 545012 پلاسٽڪ ترپال، 3423192 مڇردانيون، 804811 ليٽر منرل واٽر، 199006 پڪل کاڌي جون ??يڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته گذريل 72 ڪلاڪن ۾ 126541 متاثر ريليف ڪيمپس مان پنهنجي گهرن ڏا??هن واپس وڃي چڪا آهن. هن وقت ڪيمپن ۾ 68711 متاثر ترسيل آهن، ج??هن ۾ 16575 ٻار ۽ 10874 عورتون ??امل آهن. هن چيو ته ريليف ڪيمپن ۾ متاثرن کي ٻن وقتن جو کاڌو ۽ علاج جون ??هولت??ن فراهم ڪيون پيون وڃن.