اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائم پارلياماني ٽاسڪ فورس جي چيئرپرسن رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته ايشيا پيسفڪ ملڪ مسئلن جي حل لاءِ گڏجي حڪمت عملي جوڙين ڇو ته هي سفر هڪ ٻن ڏينهن جو نه آهي پر هڪ مسلسل جدوجهد آهي، اڄ پاڪستان متاثر ٿيو آهي سڀاڻي ڪو به ملڪ متاثر ٿي سگهي ٿو. آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن جي ٽئين سيمينار جي پڄاڻ?? سيشن ۾ مختلف ميمبر ملڪن پاران سيمينار کي ڪارائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ايران پاران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته اسان ک?? سيمينار کي نتيجا خيز بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو نه ته سموريون ڪوششون ضايع ثابت ٿينديون. ويتنام جي نمائندي جو چوڻ هو ته پ??ڪستان کي ٻوڏ جون تباهيون درپيش آهن اسان ڀرپور يڪجهتي جو اظها?? ڪريون ٿا. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي عالمي سطح تي مدد ڪرڻ گهرجي. نيپال تجويز ڏني ته سمورن ايشيائي ملڪن کي هڪ جهڙا مسئلا درپيش آهن ان لاءِ اسان سڀني کي هڪ گڏيل پارلياماني مڪينزم جوڙي انهن مسئلن مان نڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. سيمينار جو پڄاڻ?? سيشن اڄ اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.