ڪراچي -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي، ته پاڪستان ۾ تباهه ڪن ٻوڏ سبب انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، ??اڪستان کي فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آهي، گڏيل قوم??ن ۽ عالمي ادارن کي مشڪل جي هن گهڙي ۾ فراخدلي سان پاڪستا?? جي مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جيڪا تباهي آئي آهي، دنيا جي ڪنهن به آفت دوران ايتر?? تباهي نه ڏٺي، ان صورتحال کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، فصلون تباهه ٿيون، چوپايو مال لڙهي ويو، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهو پنهنجا گهر ٻار، ۽ روزگار وڃائي ويٺا آهن. اهڙي صورتحال سبب پاڪستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي. هن چيو ته موسميات?? تبديلي اڄ جو وڏو مسئلو آهي. پاڪستان ٻين ملڪ?? جي قدم?? جي قيمت چڪائي رهيو آهي. ڪاربن پکيڙڻ سبب جي-20 ملڪن جو حصو 80 سيڪڙو آهي، ترقياتي ملڪن کي موسميات?? تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، صنعتي ملڪن کي بدترين ڪارب?? جي نيڪال ڪرڻ ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي، اڄ پاڪستان موسميات?? تبديلي جو شڪار آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ هوندو، جيڪڏهن فوري طور قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ تمام گهڻا خطرا هوندا. سيڪريٽري جنرل چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ گڏيل قوم??ن ۽ عالمي برادري کي پاڪستا?? جي مدد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي لکين ماڻه?? جي بحالي لاءِ فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي سنجيدگي سان هن ڳالهه تي سوچڻو پوندو ته آ??ت جي هن صورت ۾ اسرندڙ ملڪ?? جي مدد ڪهڙي طرح ڪئي وڃي. کين پاڪستان سميت ٻين اسرندڙ ملڪن کي مشڪل مالي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد لاءِ نئون طريقو جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري تيزي سان پاڪستا?? جي مدد لاءِ اڳتي وڌندي. هن چيو ته پاڪستا?? جي سياسي ۽ عسڪري قيادت امدادي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي پڻ اڳتي وڌي مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينر?? جي مدد ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني ت?? تباهي ٿي آهي. گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل جو هن مشڪل جي گهڙي ۾ پاڪستان جو دورو سٺو سنئوڻ آهي. هن دوري سان عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ امدادي ڪوششن ۾ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ڀرپور مصروفيتن باوجود پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته ٻوڏ متاثر?? جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.