اسلام آباد – 05 211; سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪمانستان مان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني امداد ج?? پهرين اڏام سومر جي صبح جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي لٿي جنهن ۾ دوائون ۽ طبي اوزارن سميت انتهائي ضروري امدادي سامان شامل هو. پرڏيهي آفيس موجب امدادي اڏام جو استقبال پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير، سنڌ جي وڏي وزير جي ريليف ۽ بحالي واري صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، ناڻي واري و??ار??، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ پي ڊي ايم اي جي نمائندن ڪيو. پاڪستان ترڪمانستان پاران ٻو?? سٽيلن جي لاءِ امداد ج?? آجيان ڪندي ترڪمانستان جا ٿورا مڃيا.