ڪراچي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ?? چيو آهي ته ملڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي بزرگن اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون. سنڌ جي وقتي گورنر جاري پنهنجي پيغام ?? چيو ته آزادي هڪ نعمت آهي ۽ اسان کي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪرڻ گهرجن ته هن اسان کي هڪ آزاد رياست سا?? نوازيو آهي جنهن ۾ سمورن مذهبن جي پيروڪارن کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي مڪمل آزادي سان سمورن رنگ ۽ نسل جي شهرين کي هڪ جهڙا حق حاصل آهن. هن چيو ته اسان کي گذريل 75 سالن جي تجربن جي روشني ۾ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ گڏ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ هاڻي اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي هن پاڪ ملڪ کي عالمي دنيا جي افق تي نمايان مقام ڏياريون.