رش??ئي – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ??ئي آهي ته رش??ئي اقتصادي زون ۾ ترقياتي ڪم مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪيا وڃن ۽ سمورين رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن اها هدايت رش??ئي اقتصادي زون جي دوري دوران جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، اوورسيز پاڪستانين واري وفاقي وزي ساجد طوري، وزيراعظم جي صلاحڪار امير مقام، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور، چيني ڪمپني جي نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي رش??ئي خصوصي اقتصادي زون تي جاري ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رش??ئي خصوصي اقتصادي زون 10000 ايڪڙ تي ٻڌل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته رش??ئي اقتصادي زون کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت خيبرپختونخواهه اڪنامڪ زونز ڊيولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپني ۽ CRBC (هڪ سرڪاري چيني انٽرپرائيز) جي تعاو?? سان SPV يعني رش??ئي اسپيشل اڪنامڪ زون ڊيولپمينٽ اينڊ آ??ري??ن ڪمپني جي ذريعي ٺاهيو پيو وڃي. ان ڪمپني ۾ KPEZDMC جا 9 سيڪڙو ۽ CRBC جا 91 سيڪڙو شيئرز آهن جيڪو ان نوعيت جو پهريون معاهدو آهي. چيني ڪمپني ان خصوصي اقتصادي زون جي آ??ري??نز جي ذميوار آهي. رش??ئي خصوصي اقتصادي زون ۾ لائيٽ انجنيئرنگ، آٽو موٽيو، ڪنسٽرڪشن ۽ فوڊ پروسيسنگ ۽ روانگي واپار کي نظر ۾ رکندي شعبن کي هدف بڻايو آهي جنهن ۾ مقامي ماڻهن جي لاءِ سڌوسنئون ۽ اڻ سڌيون نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ اقتصادي سرگرميون پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته رش??ئي خصوصي اقتصادي زون ۾ ٻن صنعتي يونٽس جي تعمير جو ڪم جاري آهي جڏهن ته ڪجهه وڌيڪ صنعتي يونٽس جي تعمير جي شروعات به جلد ??ئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سوئي نادرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ زون تائين گئس جي فراهمي يقيني بڻائي ڇڏي آهي جڏهن ته نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني زون تائين بجلي جي فراهمي جي لاءِ گرڊ اسٽيشن ٺاهي رهي آهي. وزيراعظم هدايت ??ئي ته رش??ئي خصوصي اقتصادي زون ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڏني ويندڙ مقرر مدي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ??ئي ته رش??ئي خصوصي اقتصادي زون جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ جتي جتي هم آهنگي جي کوٽ ۽ مشڪلاتون آهن انهن کي جلد کان جلد ختم ڪيو وڃي. وڌيڪ اها هدايت ??ئي ته چيني ڪمپني کي هر ممڪن مدد فراهم ??ئي وڃي ته جيئن خصوصي اقتصادي زون تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته اسان سڀني کي گڏجي صنعتي ترقي ۽ روينيو وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن پاڪستان کي هڪ ترقي يافته ملڪ بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيني ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته چين ۽ پاڪستان جون ڪمپنيون هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ننڍن صوبن ۾ اقتصادي زونز جي تعمير اسان جي ترجيح آهي. وزيراعظم رش??ئي خصوصي اقتصادي زو?? سائيت جو دورو پڻ ڪيو ۽ ترقياتي ڪمن جو جائزو ??رتو.