اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نار تعاون تنظيم (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ن??ئف فلاح ايم الحجراف سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تنظيم جو پاڪستان سان تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي ??بديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان به موجود هيون. پرڏيهي وزير ۽ نار تعاون ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جي سي سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جي تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ تاريخي رابطن، جاگرافيائي ويجهڙائي ۽ ثقافتي وابستگين جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان ٻطرفي ۽ جي سي سي جي تناظر ۾ پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ۽ سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ??ائيلاگ جي گڏيل ايڪشن پلان موجب اداره جاتي ??ابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ رستا ڳولڻ تي ??تفاق ڪيو. ان موقعي تي ڌرين پاڪستان – نار تعاون ڪائونسل فري ٽريڊ ايگريمنٽ تي ??لد کان جلد ڳالهين کي مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ نار تعاون ڪائونسل جي وچ ۾ پراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي مضبوطي سان ڳنڍيل آهن.