اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) سي??يٽ چيئر??ين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد سان گڏ اسلام آباد ۾ يو اي اي جي سفارتخاني ۾ وڃي متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، سي??يٽ چيئر??ين تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لکيا، هن چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان جو لاڏاڻو نه رڳو يو اي اي جي عوام لاءِ وڏو نقصان آهي پر پاڪستانين ۽ مسلمان امت لاءِ وڏو صدمو آهي، سندس وفات سان پاڪستان هڪ سچي ۽ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. انسا??يت ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ شيخ خليفه بن زيد النهيان جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. سي??يٽ چيئر??ين چيو ته هو يو اي اي جي حڪومت ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، سي??يٽ چيئر??ين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي. سي??يٽ چيئر??ين سان گڏ پارلياماني وفد ۾ ڊپٽي چيئر??ين مرزا محمد آفريدي، سي??يٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽرز پرنس احمد عمرزئي، مولانا عبدالغفور حيدري، عبدالقار، دوست محمد، نصيب الله بازئي شامل هئا. پارلياماني وفد شيخ خليفه بن زيد النهيان جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.