اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) موسميا??ي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سنڌ ۾ پاڻ??ءَ جي بحر??ن تي ڳڻت??ءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻ??ءَ جي 60 سيڪڙو کوٽ ??نتهائي خطرناڪ آهي، پاڻي جي بچت ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني ??ڻا??ڻو پوندو. موسميا??ي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ بئراجن ۽ـ شاخن ۾ پاڻ??ءَ جي 52 کان 62 سيڪڙو کوٽ ??بب آبادي، زراعت ۽ چوپائي مال لاءِ پاڻ??ءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻ??ءَ جي کوٽ ??بب سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي. شيري رحمان چيو ته هن وقت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي هئڻ گهرجي ها پر 2 هزار ڪيوسڪ کان به گهٽ ڇڏيو پيو وڃي، پاڻي جي ان شديد کوٽ ??بب سنڌ ۾ وونئڻن ۽ سارين جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هيٽ ويو ۽ شديد گرمي جي ان موسم ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ پاڻ??ءَ جي کوٽ ??ي ڳڻتي آهي. گڏيل قومن مطابق 2025ع تائين پاڪستان سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندو. شيري رحمان چيو ته پاڻي جي 1991ع جي معاهدي مطابق منصفاڻي ورڇ ضروري آهي، اسان کي پاڻي جي بچت ۽ صوبن وچ ۾ منصفاڻي ورڇ کي يقيني ??ڻا??ڻو پوندو.