اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ڊپٽي ا??پيڪر زاهد اڪرم خان دراني چيو آهي ته عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي ا??تعمال ۾ آندو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سوئي سدرن گئس پائپ لائين لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي مي??يجنگ ڊائريڪٽر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ ايس اين جي پي ايل خيبرپختونخوا جو جنرل م??نيجر پُڻ موجود هو. ملاقات ۾ ڏاکڻي ضلعن خاص طور تي اين اي 35 بنون ۾ سوئي گئس بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي، ڊپٽي ا??پيڪر ايس اين جي پي ايل جي ايم ڊي سان ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخوا جي ڏاکڻي ضلعن ۾ قدرتي گئس جا وڏي مقدار ۾ ذخيرا موجود آهن جنهن مان نه رڳو خيبرپختونخوا پر ملڪ جي ٻين حصن کي به گئس فراهم ڪئ?? ويندي آهي، تنهن هوندي به انهن ضلعن جي رهندڙن کي گئس جي سپلائي، لوڊشيڊنگ، گهٽ پريشر جهڙا مسئلا درپيش آهن، ڊپٽي ا??پيڪر قومي ا??يمبلي جي تڪ اين اي 35 بنون جي مختلف يونين ڪائونسلن ۽ علائقن ۾ سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ، گهٽ پريشر ۽ سپلائي بابت مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئ??، ايس اين جي پي ايل جي ايم ڊي علي جاويد حمداڻي ڊپٽي ا??پيڪر کي قومي ا??يمبلي کي ڏاکڻي ضلعن خاص طور تي قومي ا??يمبلي جي تڪ اين اي 35 جي گئس بابت مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.