اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي غير رجسٽرڊ کن?? جي ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن ايف بي آر کي 60 ڏينهن ۾ جامع عملدرآمد رپورٽ وفاقي محتسب ۾ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ کن?? جي وڏن خريدارن ۽ غير رجسٽرڊ ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ايف بي آر وٽ ڊيٽا جي دستيابي جي باوجود وڏي مقدار ۾ کن?? جا خريدار ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن، صدر چيو ته کن?? جي غير رجسٽرڊ خريدار ٽيڪس ادائيگي جي قومي ذميداري ادا نه ??ري رهيا آهن، صدر ايف بي آر جي وفاقي ٽيڪس محتسب جي هدايتن جي خلاف درخواست رد ??ري ڇڏي. وفاقي ٽيڪس محتسب پرائيويٽ شوگر ملز کان کن?? جي غير رجسٽرڊ خريدارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ تحقيقات جو آغاز ڪيو هو، گذريل چئن سالن دوران ملز مختلف غير رجسٽرڊ خريدارن کي 2.7 ارب روپين جي کن?? فراهم ڪئي، صرف ٽن خريدارن وٽ قومي ٽيڪس نمبر هو، ايف بي آر ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو، شوگر ملن وٽ کن?? جي سپلائي ۽ خريدارن جو رڪارڊ هوندو آهي، ايف بي آر شوگر ملن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، محتسب چيف ڪم??نر، ايل ٽي او ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو غير رجسٽرڊ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪري، ايف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي هئي. صدر چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز غير رجسٽرڊ خريدارن جي معلومات گڏ ڪرڻ ۾ چوڪس نه آهي، ايف بي آر ملز جي ماهوار سي??ز ٽيڪس گوشوارن تي مطمئن آهي، ڊيٽا جي جاچ نه پئي ڪئي وڃي، ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز شوگر ملز جي ڊيٽا جو وقت سر تجزيو ??ري خريدارن جا تفصيل حاصل ??ري سگهجي ٿي. صدر چيو ته ايف بي آر جي پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ سنگين غفلت ۽ نااهلي بدانتظامي جي برابر آهي، ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ محتسب جي سفارشن کي کن?? جي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي، صدر هدايت ڪئي ته ايف بي آر 60 ڏينهن ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب کي عملدرامد جي جامع رپورٽ پيش ڪري.