اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته انساني وقار کي يقيني بڻائڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ اس??ن جي حڪومتي پاليسي جو حصو آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر مشيل بيچليٽ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير انساني حقن، بنيادي آزادي جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ پاڪست??ن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مذهب يا عقيدي جي آزادي جي فروغ، خودمختياري واري حق، غلط معلومات جو مقابلو ڪرڻ ۽ اسلاموفوبيا جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ??اڪست??ن جي ڪردار تي روشني وڌي. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته انساني وقار کي يقيني بڻائڻ ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ، ٻارن جي حقن کي اڳتي وڌائڻ، اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ، بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ اس??ن جي حڪومتي پاليسي جو حصو آهي. پرڏيهي وزير ۽ هاءِ ڪمشنر بيچليٽ افغانستان ۾ انساني صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانست??ن جي عوام کي انساني بحران ۽ اقتصادي تباهي کان بچائڻ لاءِ عالمي مدد جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان کي انساني امداد جي فراهمي غير مشروط هجڻ گهرجي ۽ افغانست??ن جا سڀئي منجمند اثاثا افغان عوام کي واپس موٽائڻ گهرجن. پرڏيهي وزير هاءِ ڪمشنر کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ??مون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين، منظم ۽ وسيع پئماني تي خلاف ورزين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ اتي انساني حقن جي سنگين صورتحال جي مسلسل نگراني ۽ رپورٽنگ تي انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس ۽ گڏيل قومن جي خصوصي مينڊيٽ هولڊرز جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته اسان کي ڀارت سرڪار پاران ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ??مون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني آبادياتي تبديلي تي گهري ڳڻتي آهي، ڀارت جي عير قانوني قبضي هيٺ ??مون ۽ ڪشمير ۾ ڪاري قانون جي لاڳو سان انساني حقن جي محافظن جي خلاف انتقامي حملا، عدالت کان ??ٿانهون قتل، جعلي مقابلا ۽ ملڪيتن کي تباهي، معمول بڻجي چڪو آهي، پرڏيهي وزير انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ ۽ پائيدار ت??قي جي ايجنڊا جي پڄاڻي لاءِ گڏيل قومن جي انساني حقن واري مشينري سان ??اڪست??ن جي مسلسل ت??اون جو ورجاءُ ڪيو.