اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ريلوي، سيڪيورٽي، ترجيحي واپاري معاهدي، موسمياتي تبديلي سميت 8 مفاهمت ج?? يا??اش??ن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف پڻ مفاهمت ج?? يا??اش??ن تي صحيحن جي موقعي تي موجود هئا. پاڪستان ازبڪستان ايم او يوز جي حوالي سان جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب ازبڪستان جي قومي ٽيليويزن ۽ ريڊيو ڪمپني ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ جي شع??ي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت ج?? يا??اش?? تي پاڪستان پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جڏهن ته ازبڪستان جي ثقافت واري وزير ??وزود بيڪ نيزابيڪوف صحيحون ڪيون. ازبڪستان جي سياحت ۽ اسپورٽس واري وزارت ۽ پاڪستان جي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي وچ ۾ مذهبي زيارتن جي سياحت جي فروغ لاءِ مفاهمت ج?? يا??اش??ن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري جڏهن ته ازبڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزير ??بدالعزيز ڪاميلوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شع??ي ۾ تعاون تي مفاهمت ج?? يا??اش?? تي پاڪستان پاران وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ۽ ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي واپار واري وزير ??ردار عمر زاڪوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پاڪستان جڏهن ته سردار عمر زاڪوف ازبڪستان پاران صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شع??ي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ميپ تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستا پاران قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف جڏهن ته ازبڪستان جي سلامتي ڪائونسل واري سيڪريٽري ويڪٽر مخمودوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ريلوي واري وزارت ۽ ازبڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت جي وچ ۾ پڻ مفاهمت ج?? يا??اش?? تي صحيحون ٿيون. پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سيڪريٽري ۽ چيئرمين حبيب الرحمان گيلاني جڏهن ته ازبڪستان پاران ٽرانسپورٽ واري وزير ??لخوم مخڪاموف صحيحون ڪيون. تاشقند سٽي ۽ اسلام آباد سٽي جي انتظاميا جي وچ ۾ مفاهمت ج?? يا??اش?? تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران ايڊمنسٽريٽر ايم سي آئي حمزه شفقات جڏهن ته پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير ??وبڪ ??ثمانوف صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ازبڪستان جي علائقي سرخندريه ۽ پاڪستان جي خيبرپختونخواهه صوبي جي وچ ۾ تعاون تي مفاهمت ج?? يا??اش?? تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران خيبرپختونخواهه جي صنعت واري سيڪريٽري ذوالفقار علي شاهه جڏهن ته ازبڪستان پاران پاڪستان ۾ ازبڪ ??فير ??وبڪ ??ثمانوف صحيحون ڪيون.