اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين قومي ا??يمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي ۽ مجموعي ملڪي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي ج?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاق??ت ۾ قومي ا??يمبلي ج?? ايندڙ اجلاس جي حوالي سان اهم معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ا??لاعات واري وفاقي و??ير چيو ته مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو آئيني طريقي سان جواب ڏينداسين، مخالف ڌر کي عدم اعتماد جي رٿ ۾ ڪڏهن به ڪاميابي نه ملندي. هن چيو ته سمورا اتحادي ا??ان سان گڏ آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان وٽ مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت موجود آهي، ??ي ڊي ايم جي پنهنجي صفن جي اندر ٻڌيءَ نه آهي.