اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ 18 سيڪيورٽي اهلڪارن جي پوئينرن کي ٽيليفون ڪري شهيدن جي عظيم قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر روايت موجب شهيدن جي پوئين??ن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر چيو ته سڄي ق??م وطن خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ جي احسانمند آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي عظيم قرباني تي فخر ڪندي آهي، ??در ڊاڪٽر عارف علوي 2 فيبروري تي نوشڪي ۾ دهشتگر حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ??در ڪيپٽن محمد بلال خالد، لائنس نائيڪ عنايت الله ۽ سپاهي وحيد علي جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن پنج فيبروري تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي خاندان جي ماڻهن سان رابطو ڪيو ، صدر سپاهي ساجد علي، ??پاهي ناهيد اقبال ۽ سپاهي محمد ضياءُ الله خان جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ??پاهي محمد سمير ۽ سپاهي عجب نور جي خاندان جي ماڻهن سان به صدر افسوس جو اظهار ڪيو، صدر 25 جنوري تي ڪيچ ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ 10 نوجوانن جي گهروا??ن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ??در نائيڪ وقاص احمد، سپاهي ظفر اقبال، سپاهي نويد غفور جي خاندان جي ماڻهن سان افسوس جو اظهار ڪيو، ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي عدنان مصطفيٰ، زين علي، محمد شهزاد حسين، فرحان احسن طارق جي گهروا??ن سان به رابطو ڪيو، صدر سپاهي محبوب علي، ??رسلان منظور ۽ محمد ياسر کي به خراج عقيدت پيش ڪيو.