اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين سيڙپڪاري بورڊ جو دورو ڪ??و، سيڙپڪاري بورڊ آمد تي مملڪتي وزير ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد اظفر احسن ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪري??ري فارينه مظهر اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير جو استقبال ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير کي سيڙپڪاري بورڊ جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ سيڙپڪاري بورڊ پاران متعارف ڪرايل سڌارن کان آگاهه ڪيو ويو، ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ پاران ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، چوڌري ??واد حسين سيڙپڪاري بورڊ جي ڪارڪردگي کي ساراهندي چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت سيڙپڪاري بورڊ سان ڀرپور تعاون ڪندي.