اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پينشن جي شفاف ورهاست لا پينشنرن جي بايو ميٽرڪ تصديق جي نظام جو افتتاح ڪيو ويو آهي، جنهن سان 14 لک پينشنرن ما?? هر مهيني 60 ارب روپيا جي رقم شفاف طريقي سان ورهائڻ کي يقيني بڻايو ويندو. اي جي پي آر ۾ پينشنرن جي لاءِ ڊجيٽل سهولت جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر اطمينان ظاهر ڪيو ته انهن قدمن سان نه رڳو پينشنرز جي نه رڳو ذاتي تصديق جي نظام ۾ بهتري ايندي پر جعلي شناخت جي روڪٿام به يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته ان نظام سان نه رڳو پينشنرن جي مشڪلاتن جو ازالو ٿيندو پر انهن جي شفاف ڊيٽا بيس جي راهه هموار ڪرڻ ۽ جعلي پينشنرن جي خاتمي ۾ مدد ملندي، هن پينشنرن کي سهولتون ??را??م ڪرڻ ۽ پينشن جي ورڇ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ بايو ميٽرڪ جي تصديق کي اهم قدم قرار ڏنو، هن 7 کان 12 سيڪڙو جي ويجهو ماڻهن کي اکين ۽ چهري جي ذريعي تصديق نظام جي تجويز ڏني، هي اهي ماڻهو آهن جنهن جي عمر، معذوري، وڌيڪ مزدوري، بيماري جي سببن تي فنگر پرنٽس ضاي?? ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري انهن جي تصديق ناهي ٿيندي، هن ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت کي استعمال ۾ آڻيندي موثر آڊٽ جي نظام تي زور ڏنو. عوام جي مفاد ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي استعمال تي زور ڏيندي هن چيو ته ملڪ جي ترقي جو ڀاڙ?? ٽيڪنالاجي جي نئين رجحان کي وقت سر اختيار ڪرڻ ئي آهي، صرف انهن ملڪن ترقي ڪئي جن ٽيڪنالاجي جي جديد رجحانن کي فوري اختيار ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي خدمتن جي ??را??مي جي نظام کي حصو بڻايو. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ملڪ جي معاشي ترقي تي ٻه کان ٽي سيڪڙو مثبت اثر وجهندي آهي، قوم کي ان فائدي کان آگاهه ڪرڻ اهم آهي. اهڙي طرح هن چيو ته ڊجيٽل بئنڪنگ صارفين کي گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت سان گڏ شفاف ۽ مناسب ما??ي ٽرانزيڪشن جي ما??ي سهولت ??را??م ڪندي آهي، جيتوڻيڪ هن ما??ياتي ادارن تي زور ڏنو ته عوام کي مسلسل آگاهي جي ذريعي ما??ياتي دوکي جي خلاف مضبوط تحفظ ??را??م ڪري، هن چيو ته ايندڙ چونڊن۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ عوام جي مفاد ۾ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ طرف هڪ ٻيو اهم قدم آهي، اي وي ايم سان ووٽن جي شفاف ۽ فوري ڳڻپ يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان ۾ گهپلن جو به ڪو خدشو نه آهي، صدر پينشنرن جي سهولت لاءِ بايو ميٽرڪ تصديقي خدمتن جو آغاز ڪرڻ تي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ۽ نادرا جي واکاڻ ڪئي، ان موقعي تي هن اي جي پي آر جي ٻن پينشنرن جي بايو ميٽرڪ تصديق جو عمل ڏٺو جن آن لائين ويريفڪيشن جي لاءِ بئنڪ جي بايو ميٽرڪ ڊائيوس تي پنهنجا فنگر پرنٽس رکيا.