اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي تيز رفتاري سان گامزن ڪرڻ جي ??اءِ تعليم يافته عو??تن جي انگ ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت عو??تن جي تعليم سان گڏوگڏ انهن کي هنرمند بڻائڻ تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن انهن جي ??الي شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج چترال جي ??رنسپل ڪيري شوفيلڊ جي ??يادت ۾ شاگردن جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته مل کي وڌ کان وڌ تعليم يافته عو??تن جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته عو??تن کي ڪامياب جوان پروگرام ذريعي آسان شرطن ۽ ضابطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري انهن کي مالياتي بااختيار بڻائڻ جي ??اءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن اهي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪري سگهن. صدر تعليم جي ??يدان ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو جنهن ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ ڪيترائي تعليمي ماهر ۽ پروفيشنلز پيدا ڪيا آهن. هن ڪاليج جي انتظاميا خاص طور تي ان جي ??رنسپل ڪيري شوفيلڊ جي ڪوششن ۽ خدمتن کي پڻ ساراهيو جنهن چترال جي ??اڻهن کي تعليمي معيار بلند ڪرڻ ۽ معياري تعليم فراهم ڪرڻ جي ??اءِ محنت سان ڪم ڪيو.