اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته معدنيات جو شعبو مجموعي معاشي ت??قي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ آهي، معدنيات جي شعبي جي ت??قي لاءِ ليگل فريم ورڪ جي تياري جي لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي ص??ارت ۾ معدنيات جي شعبي جي ت??قي جي حوالي سان فريم ورڪ جي تياري جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چ??و ته معدنيات جو شعبو ڀرپور صلاحيت رکندڙ آهي ۽ شعبي ۾ سيڙپڪاري تي پرڪشش منافعو ڪمائي سگهجي ٿو. هن چ??و ته معدنيات جو شعبو ملڪ جي مجموعي معاشي ت??قي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چ??و ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ معدنيات جي شعبي جي ت??قي جي حوالي سان قدمن کي ٺوس بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان هداي ڪئي ته وفاقي ۽ صوبا??ي حڪومتن جي وچ ۾ رابطن کي موثر بڻائڻ جيل اءِ جلد کان جلد فوڪل پرسن مقرر ڪيو وڃي ته جيئن معدنيات جي شعبي جي ت??قي جي فريم ورڪ تي عملدرآمد جي موثر نگراني ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته معدنيات جي ت??قي جي حوالي سان اهل ۽ تربيت يافته انساني وسيلن مان فائدو ۽ انساني وسيلن جي صلاحيت ۾ بهتري جي حوالي سان عالمي تجربن مان فائدو کنيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته معدنيات جي شعبي جي ت??قي جي فريم ورڪ جي هدفن ۽ مقصدن جو تعين ڪري انهن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي. بئي طرف پيٽروليم واري سيڪريٽري اجلاس کي معدنيات جي ت??قي جي حوالي سان تزويراتي منصوبي بابت بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ شعبي جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر تزويراتي منصوبي تي موثر عملدرآمد جي ذريعي ايندڙ 15 سالن دوران جي ڊي پي ۾ معدنيات جي شعبي جو حصو 10 سيڪڙو تائين وڌايو ويندو. منصوبي ۾ وفاقي ۽ صوبا??ي حڪومتن جي قدمن کي ٺوس بڻائڻ، فني سهولتن جي فراهمي، ڊيٽا بيس جي ترقي، مالياتي فائدن، انساني وسيلن جي تربيت ۽ قانوني عمل تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. منصوبي ۾ گهٽ مدي، وچ مدي ۽ ڊگهي مدي وارا هدف مقرر ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، محمد حماد اظهر، اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، ڊي جي ايف ڊبليو او ۽ وفاقي ۽ صوبا??ي حڪومتن جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.