اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان پليٽ فارم تان ترڪي ڪرندڙ ماڻهو کي بچائيندڙ نوجوان پوليس اهلڪار ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آه??. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو آه?? ته فرض جي شوق سان ادائيگي تي اسان ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي 23 مارچ تي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آه??. وزيراعظم ??مران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سوره المائده جي هڪ آيت ”جنهن هڪ انساني زندگي بچائي ان ڄڻ سڄي انسايت بچائي“ جو ترجمو به شيئر ڪيو. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ??ڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪيو جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان پوليس اهلڪار ريلوي اسٽيشن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئ?? ر??يو هو جڏهن هڪ مسافر پليٽ فارم تان ترڪي ڪريو ته نوجوان پوليس اهلڪار تيزي سان ڊوڙي ڄاڻايل ماڻهو کي ٽرين هيٺ اچڻ کان بچائي ورتو. ان تي وزيراعظم چيو ته فرض سرانجام ڏيڻ انتهائي مقدس آه??، هن عوام جي خدمت ۾ مصروف نوجوان پوليس اهلڪار جي جذبي جي واکاڻ ڪئي.