اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي 74 هين آ??اد?? جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو، اها تصويري نمائش 13 ۽ 14 آگسٽ 2021ع تائين جاري رهندي. افتتاحي تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪ??دي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هر سال وانگر هن سال به اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪستان جي عوام ۾ 1947ع جي آ??اد?? جي جذبي جي تازو ڪرڻ لاءِ ان نمائش جو انعقاد ڪيو. آ??اد?? جي ڏهاڙي جي حوالي سان ٿيندڙ اها تصويري نمائش قائداعظم محمد علي جناح جي فعال قيادت ۾ دنيا جي نق??ي تي هڪ نئين اسلامي رياست جي قيام لاءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڊگهي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿي. هن چيو ته ان نمائش جو بنيادي مقصد اهو آهي ته آ??اد?? جي ڏهاڙي ۽ قرارداد پاڪستان جي حوالي سان نئين نسل کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته پاڪستان ڇو اسان جي لاءِ ضروري هو ۽ اڄ به سڀني ??سئ??ن جي باوجود ڪيتري وڏي نعمت آهي ۽ ان جي تحفظ، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ڪ??هن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ان اميد جو اظهار ڪ??و ته هلندڙ سال پاڪستان جي ناياب تصويرن کي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اپ گريڊ ڪيو ويندو. هن چيو ته نمائش ۾ رکيل ناياب تصويرون پاڪستان جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ اهميت رکندڙ هو??ديون. افتتاحي تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.