اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي سماج تحفط ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته ڪريانه اسٽورن جي نظام جي ڊجيٽلائيزيشن سان نه رڳو روينيو ۾ اضافو ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ٽارگيٽ سبسڊيز ڏيڻ ۾ به مدد ملندي، ايندڙ مالي سال ۾ وڌيڪ 28 ضلعن کي بنا وياج قرض پروگرام ۾ شامل ڪي?? ويندو، احساس تحفظ پروگرام کي سگهه ڏني ويندي، موجوده بجي?? ۾ ??نعت، ڪاروبار ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. سيني?? ۾ ??يندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته بجي?? ۾ ??ڪومتي ترجيحن جو تعين ڪي?? ويو آهي، معاشي سرگرمين جو فروغ ۽ عوام جي مشڪلاتن جو ازالو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي ڪو به تيڪس نه لڳاي?? ويو، مزدور جي گهٽ کان گهٽ پگهار 20 هزار روپيا مقرر ڪي?? ويو آهي، 260 ارب روپيا احساس پروگرام لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، هن چيو ته خصوصي اقتصادي زونز تي ٽيڪس ڇوٽ، سيلز ٽيڪس تي ڇوٽ، ڪيپيٽل گين ٽيڪس ۾ گهٽتائي، ٽيلي ڪام ٽيڪس ۾ گهٽتائي ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ صنعتن جي ڪچي مال تي ڇوٽ ڏني وئي آهي، هن چيو ته اليڪٽريڪل وهيڪل ۽ ننڍين گاڏين تي ٽيڪس گهٽ ڪي?? ويو آهي، بئنڪنگ ٽرانزيڪشن تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪي?? ويو آهي، هن چيو ته 2021ع ۾ احساس پروگرام لاءِ 209 ارب روپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان 97 سيڪڙو خرچ ٿيا، هلندڙ سال اها رقم وڌائي 260 ارب روپيا ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هن بجيٽ ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي احساس ايمرجنسي ڪيش جي مد ۾ 12 هزار روپيا امداد ملندي، اهو مرحلو ڊسمبر ۾ مڪمل ڪي?? ويندو.