اسلام آ??اد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح طور تي چيو آهي ته شگر مافيا کي ڪنهن به صورت ۾ اين آر او نه ٿو ڏئي سگهجي، شگر ملز ??ال??ن کي عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار پي ٽي وي پروگرام ”توهان جو وزيراع??م توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ سڌوسنئون عوام جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جون سموريون شگر ملز طاقتور طبقي جون آهن جيڪي ڪارٽيل ٺاهين ٿا ۽ پنهنجي مفادن جي لاءِ طاقتور طبقو گڏ ٿي وڃي ٿ??.