اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم شيخوپو??ه وڃي ثابت ڪري ڇڏيو ته جاويد لطيف ادارن جي خلاف بيان سندس آشيرواڌ تي ڏنو هو، ڪو به پاڪستاني جيڪو پاڪستان ۾ پيدا ٿيو ??جي ۽ پاڪستان ان کي عزت ڏني ??جي اهو ڪيئن پاڪستان نه کپي چئي سگهي ٿو، ادارن جي خلاف ڳالهيون ٿينديون ته قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو آهي. هو نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ اهڙو ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ??ئي وئي جهڙوڪ ورلڊ ڪپ کٽي آيا هجن، پاڪستان جي هر باشعور ماڻهو جاويد لطيف جي بيان جي مذمت ??ئي آهي.